ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي تعليم کاتي هڪ کان 20 هين گريڊ تائين خالي جاين جا تفصيل طلب ڪري ورتا، تعليم کاتي جي ماتحت 21 ادارن کان تفصيل طلب ڪيا ويا، ڊائريڪٽر جنرل انسپيڪشن، ڊائريڪٽر جنرل مانيٽرنگ ايووليشن ۽ ڊائريڪٽر ڪريڪيولم اسيسمنٽ کي خط لکيو ويو، سمورن ڊويزنل جي ريجنل ڊائريڪٽرز کان پڻ تفصيل طلب ڪيا ويا آهن، تفصيل گڏ ٿيڻ کان پوءِ خالي جاين تي ڀرتيون ڪيون وينديون.