ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيپرا ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي 40 پئسا في يونٽ مهانگي ڪري ڇڏي، نيپرا بجليءَ جي اگھن ۾ واڌ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو، نوٽيفڪيشن موجب بجلي آگسٽ جي فيول پرائس ايڊجسٽمينٽ تحت مهانگائي ڪئي وئي، ڪي اليڪٽرڪ واهپيدارن کان اوڳاڙي جنوري جي بلن ۾ ڪندي، بجلي جي اگهن ۾ واڌ لائف لائين واهپيدارن تي لاڳو نه ٿيندي.