تازہ ترین

آمريڪي چونڊ سرگريون آخري مرحلي ۾ شامل، نتيجا اچڻ شروع ٿي ويا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ اليڪشن جي ڏينهن ووٽن جي شروعات ٿي هئي ۽ پهريون نتيجو به سامهون آيو، آمريڪا ۾ صدارتي چونڊ جي ڏينهن واري ووٽنگ جي شروعات نيو همپشائر ۾ ٿي ۽ پهريون ووٽ نيو همپشائر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ڊڪسوائل نوچ ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب ڊڪسوائل نوچ ۾ ڪالهه 6 ووٽ رجسٽر ٿيا هئا جن مان ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڪملا هيرس ٻنهي کي 3،3 ووٽ پيا هئا ۽ اهڙيءَ ريت نيو همپشائر جي هڪ ننڍي ڳوٺ ۾ ڊيموڪريٽ ۽ ريپبلڪن اميدوار ۾ مقابلو برابر رهيو. رپورٽ موجب 2020 جي آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ان ڳوٺ مان جو بائيڊن کي سمورا 5 ووٽ مليا هئا جڏهن ته ٽرمپ هڪ به ووٽ وٺڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو هو. آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڊڪسوائل نوچ ڳوٺ ۾ آمريڪا جي ٻين سمورين رياستن کان اڳ رات جو دير سان ووٽنگ جو عمل شروع ڪرڻ جي شروعات 1960ع ۾ پئي هئي ۽ اها هاڻي هڪ روايت بڻجي چڪي آهي. ان کان سواءِ وقت کان اڳ ووٽنگ جي تحت ٿيندڙ بيلٽ ۽ اِي ميل ووٽنگ وسيلي به هن وقت تائين 7 ڪروڙ کان وڌيڪ آمريڪي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪري چڪا آهن. صدارتي چونڊن ۾ ريپبلڪن اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ڊيموڪريٽ اميدوار ڪملا هيرس ۾ سخت مقابلي جو امڪان آهي. نتيجن جو رخ بدلائيندڙ 7 رياستون ڪنهن به اميدوار جي ڪاميابيءَ ۾ فيصلائتيون ثابت ٿينديون، جڏهن ته ڪنهن به اميدوار کي صدر چونڊڻ جي لاءِ 538 اليڪٽورل ووٽن مان گھٽ ۾ گھٽ 270 اليڪٽورل ووٽ گھربل هوندا آهن.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com