ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان پنهنجي گھر ٻاهران 95 ڏينهن کان بيٺل مداح سان آخرڪار ملاقات ڪئي. شاهه رخ خان پنهنجي سالگره هر سال ڌام ڌوم سان ملهائيندو آهي ۽ ان ڏينهن سندس گھر ٻاهران مداحن جو وڏو انگ به موجود هوندو آهي، جنهن جي ڪري اداڪار ٽيرس تي وڃي مداحن جا ٿورا مڃيندو آهي پر هن سال اداڪار پنهنجي سالگرهه صرف پنهنجي دوستن ۽ گھر وارن سان گڏ ملهائي هئي جنهن جي ڪري مداح سندس هڪ جھلڪ نه ڏسي سگھيا. شاهه رخ جي مداحن مان هڪ خوش نصيب مداح اهڙو به آهي جنهن ڪنگ خان سان ملاقات ڪئي، رپورٽن موجب ان مداح جو نالو شير محمد آهي جنهن جو تعلق رياست جھاڙکنڊ سان آهي، هو شاهه رخ خان جي گھر ٻاهران 95 ڏينهن کان بيٺو رهيو ۽ اداڪار سان ملاقات جو انتظار ڪندو رهيو، جنهن جي خواهش اداڪار شاهه رخ خان پوري ڪري ڇڏي. شير محمد جي شاهه رخ خان سان هٿ ملائيندي تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي، جنهن کي خوش نصيب چيو پيو وڃي. ڀارتي ميڊيا موجب شير محمد ٻڌايو ته ان کي ڪنگ خان جي فلم ڪوئلا سڀ کان وڌيڪ پسند آهي ۽ هو پنهنجي پسند جي اداڪار جي ڪاپي ڪڏهن به نه ڪندو.