تازہ ترین

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن دوران فوتين جو انگ 6 ٿي ويو، 5 زخمي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ حادثن ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ سميت 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. ٽنڊي آدم ويجهو ٽريڪٽر ٽرالي جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ ڌيءَ فوت ٿي ويا جڏهن ته  2 پٽ زخمي ٿي پيا. خدا ڦاٽڪ ڀرسان ٿيل حادثي ۾ ڳوٺ عبدالمجيد ڏيرو واسي دلاور لاشاري ۽ سندس نوجوان نياڻي شهزادي فوت ٿي ويا جڏهن ته 7 ورهين جو بلال ۽ ٽن ورهين جو آصف لاشاري زخمي ٿي پيا. هوڏانهن ٺل ڀرسان ڳوٺ هوت سرڪي ۾ ٽريڪٽر تان هيٺ ڪري 10 ورهين جو نينگر غلام مصطفيٰ سرڪي فوت ٿي ويو. ٻئي طرف عمرڪوٽ ۾ ڪيرلو اسٽاپ ڀرسان ڪار ۽ جيپ ۾ ٽڪر سبب جمعو سميجو فوت، 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته خيرپور ڀرسان ٽنڊو مستي ريلوي ڦاٽڪ پار ڪرڻ دوران ٽرين جي ٽڪر ۾ پيرسن زوار حسين عرف جالو خان مري حياتي وڃائي ويٺو. جڏهن ته ٽنڊي آدم ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ زوردار ٽڪر سبب زخمي ٿيل عورت ميرجي زال ملو ڀيل حيدرآباد جي اسپتال ۾ زخمن جي سٽ نه سھندي فوت ٿي وئي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com