لاڙڪاڻو (ويب ڊيسڪ) لاڙڪاڻي ۾ ڪجهه مهينا اڳ پسند جي شادي ڪندڙ زال مڙس قتل، ڳوٺ ڪوڏراڻي واسي نظير احمد ۽ سندس زال فرزانه زنگيجو کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو. واردات کان پوءِ اڻڄاتل جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويا. ٻٽي قتل جي واقعي بعد شهرين جو وڏو انگ گڏ ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي جوڙي جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا.