اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته توانائي بابت قوم کي جلد سٺي خبر ڏينداسين، سياري ۾ هڪ پئڪيج آڻي رهيا آهيون، ملڪي معيشت سٺي طريقي سان اڳتي وڌي رهي آهي، پاڪستان جو وفد سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، آءِ ٽي، معدنيات ۽ توانائي جي شعبن تي ڳالهه ٻول ٿيندي، وفاقي ڪابينا حج پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.وزيراعظم جو وڌيڪ چوڻ هو ته 2025ع ۾ هڪ لک 79 هزار پانڌيئڙا حج جي سعادت ماڻي سگهندا، حج پئڪيج 10 لک 65 هزار کان 10 لک 75 هزار رپين جي وچ ۾ ٿيندو.