اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خزاني واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستاني معيشت بهتري ڏانهن وڃي رهي آهي، وياج جي شرح ۾ وڌيڪ گھٽتائي ڪئي وئي آهي، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته پاڪستان بهتر انداز ۾ معاشي استحڪام ڏانهن وڌي پيو، سندس چوڻ هو ته ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گھٽتائي آئي آي ۽ ناڻي جي مٽاسٽا وارا ذخيرا وڌي رهيا آهن، رپيو به مضبوط ٿي رهيو آهي، هاڪاري انگ اکر حڪومت جي اثرائتين پاليسين جا ثمر آهن.