واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) لالي ووڊ جي ماضيءَ جي مشهور اداڪرا ريما آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو، فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي اداڪارا ووٽ وجھڻ کان پوءِ پنهنجي مڙس سان گڏ هڪ تصوير شيئر ڪئي. اداڪارا ريما پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ ٻڌايو ته هن پنهنجي مڙس سان گڏ آمريڪي صدارتي چونڊن ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪيو آهي، گڏ ئي هن يو ايس اليڪشن، ووٽ 2024 جو هيش ٽيگ جو اضافو به ڪيو، ٻئي طر ماضيءَ جي اداڪارا ان بابت مختلف انسٽا اسٽوريز به شيئر ڪيون جنهن ۾ کيس ووٽ ڪاسٽ ڪندي ڏسي گھجي ٿو. ايتري خبر نه پئجي سگھي آهي ته اداڪارا ريما ووٽ ڪهڙي صدارتي اميدوار کي ڏنو.