لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور دنيا جي گدلن ترين ملڪن ۾ اڄ به پهرين نمبر تي آهي، آمريڪي موسمياتي اداري خبردار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ 3 ڏينهن دوران تيز هوائن جي ڪري ڪوهيري ۽ گدلاڻ جي ڪري صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو خدشو آهي. آمريڪي ايئر انڊيڪس موجب 6،7 ۽ 8 نومبر تي لاهور ۾ گدلاڻ جو انڊيڪس 600 کان 700 ٿي سگھي ٿو. اوڀر ۽ اتر کان ڀارت مان ايندڙ دونهين ۽ دز واريون هوائون لاهور جي لاڳاپيل علائقن کي متاثر ڪري سگھن ٿيون. ٻئي طرف پنجاب جي سينيئر وزير مريم اورنگزيب شهرين کي ايندڙ 3 ڏينهن تائين سختيءَ سان احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته موسمياتي ماهرن جي صلاح سان هٿرادو برسات جو آپشن استعمال ڪري سگھون ٿا. هن وڌيڪ چيو ته پوري طاقت سان دونهون ڦهلائيندڙ ذريعن کي روڪينداسين، شهري ماحولياتي قانون جي ڀڃڪڙيءَ تي 1373 تي شڪايت ڪريو ۽ گرين ايپ جو استعمال ڪريو.