ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي روڊن تي سرعام تيزرفتاريءَ سان هلندڙ واٽر ٽينڪرز ۽ ڊمپرز شهر ۾ موت جو راڪاس ڦهلائي ڇڏيو. شهر ۾ واٽر ٽينڪرز ۽ ڊمپرز جي ٽڪر ۾ پوليس اهلڪار سميت 4 ڄڻا موت جو شڪار ٿي ويا. ڪورنگي نمبر 6 ۾ واٽر ٽينڪر جي ٽڪر ۾ 6 سالا ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪورنگي سنگر چورنگيءَ تي به واٽر ٽينڪر هڪ شخص کي موت جو کاڄ بڻايو. نارٿ ڪراچي 2 منٽ چورنگيءَ تي واٽر ٽينڪر جي ٽڪر سبب پوليس اهلڪار ٿڏي تي دم ڏنو، جڏهن ته پورٽ قاسم ۾ ڊمپر جي ٽڪر سبب هڪ شخص موقعي تي موت جي ور چڙهي ويو. ڪورنگي نمبر 6 ۽ سنگر چورنگيءَ ويجھو ٿيندڙ حادثن کان پوءِ پوليس واٽر ٽينڪرن کي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو ته جڏهن ته ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس موجب پورٽ قاسم تي ٿيندڙ حادثي ۾ ڊمپر ڊرائيور فرار ٿي ويو، جڏهن ته ڊمپر کي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.