فلوريڊا (ويب ڊيسڪ) صدارتي چونڊن ۾ ڪاميابي ماڻڻ تي ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي تقرير ۾ نيون جنگيون شروع ڪرڻ بجاءِ جاري جنگين کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. صدارتي اليڪشن ۾ ڪاميابيءَ کان پوءِ فلوريڊا ۾ ڪاميابيءَ جي تقرير ڪندي نئين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اڄ اسان تاريخ جوڙي آهي، آمريڪا نين بلندين تي پهچندو ۽ ملڪ جا سمورا معاملا هاڻ ٺيڪ ڪنداسين. هن چيو ته اهڙي ڪاميابي آمريڪي عوام پهرين ڪڏهن به ناهي ڏٺي، اهڙي سياسي فتح ان کان اڳ ڪڏهن ناهي ڏٺي وئي. ڊولڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته آمريڪا کي محفوظ، مضبوط ۽ خوشحال بڻائيندس، پنهنجي دور ۾ ڪا به نئين جنگ شروع نه ڪندس پر دنيا ۾ جاري جنگين کي ختم ڪندس. آمريڪا کي ٻيهر عظيم بڻائيندس، آمريڪا ۾ سونهري دور جي شروعات ٿيڻ واري آهي. آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته باقي سوئگن اسٽيٽس ۾ کٽي 315 اليڪٽورل ووٽ حاصل ڪندس، حامين جو ٿورائتو آهيان، توهان جي ووٽ کان سواءِ ڪاميابي ممڪن نه هئي.