ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير مراد علي شاهه سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر مس ايما فين جي ملاقات، سنڌ ۾ ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ جي مدد سان جاري منصوبن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، ٻوڏ متاثرن جي گهرن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي، صفائي، سُٿرائي جي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وڏي وزير چيو ته سنڌ سرڪار ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ ۽ ٻين ادارن جي مدد سان ٻوڏ متاثرن لاءِ محفوظ گهر ٺاهي رهي آهي، ٻوڏ متاثرن جي 21 لک گهرن لاءِ واش روم پروجيڪٽ جي ضرورت آهي وڏي وزير چيو ته اسان کي ٻوڏ متاثرن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي مهيا ڪرڻ جي به ضرورت آهي.