اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيهر آمريڪي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏنيون آهن، وزيراعظم شهباز شريف پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ کي ٻيون ڀيرو آمريڪي صدر چونڊجڻ تي واڌايون ڏيان ٿو، نئين آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خواهشمند آهيان، ڊونلڊ ٽرمپ آمريڪي چونڊن ۾ تاريخي ڪاميابي ماڻي آهي، وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا ڳانڍاپا وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين.