ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ خانگي ڪمپني کي 250 ميگاواٽ پاور پروجيڪٽ لاءِ ٺٽي ۾ 1674 ايڪڙ ايراضي ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي، سنڌ ڪابينا آءِ بي اي سکر کي جاب پورٽل قائم ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي، ان موقعي تي اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته آءِ بي اي سکر جي جاب پورٽل تي سنڌ ۾ سرڪاري نوڪرين لاءِ اپلاءِ ڪري سگھبو، جاب پورٽل تي پورو ٽريڪ رڪارڊ هوندو، جاب پورٽل تي شارٽ لسٽ، لکت يا انٽرويو اپ ڊيٽ به فراهم ڪئي ويندي، پورٽل انٽرويو ڪال به ڏيندو ۽ انٽرويو جي تاريخ ۽ وقت به شيڊيول ڪندو، جاب پورٽل ٽِن مهينن ۾ فعال ٿي ويندو. سنڌ ڪابينا لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن جي پگهارن لاءِ 81 ڏهائي 9 ملين رپين جي منظوري به ڏني، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته لاڙڪاڻو ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ملازمن کي ڊويزنل پول ۾ موڪليو ويندو، ڄامشورو ۾ اليڪٽريفڪيشن لاءِ 68 ڏهائي 43 ملين رپيا منظور ڪيا ويا آهن، فريئر ٽائون ۾ آباد ڪانفرنس ڪرائڻ لاءِ 4 ملين رپيا منظور ڪيا، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ ماحول بهتر بڻائڻ لاءِ سنڌ انوائرمينٽ پروٽيڪشن ڪائونسل قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.