ممبئي (شوبز ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا سومي عليءَ سپر اسٽار سلمان خان جي گرل فرينڊ طور سڃاڻپ بڻجڻ کي سڀ کان وڏي غلطي ۽ ڏک قرار ڏنو آهي، اداڪارا سومي علي 90ع جي ڏهاڪي جي مشهور اداڪارا ۽ سوشل ورڪر به آهي، سلمان خان ۽ سومي علي 8 سالن تائين لاڳاپن ۾ رهيا پر سلمان خان جي زندگيءَ ۾ ايشوريا راءِ جي اينٽريءَ کان پوءِ ٻنهي جا لاڳاپا ختم ٿي ويا، جنهن بعد سومي عليءَ 1999ع ۾ ڀارت ڇڏي آمريڪا هلي وئي. تازو ئي ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي سومي عليءَ سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ طور سڃاتپ واري لاڳاپيل بابت ڪيل سوال جي جواب ۾ چيو ته سلمان خان جي گرل فرينڊ طور سڃاڻپ مون لاءِ سڀ کان وڏي ارهائي ۽ ڏک جي ڳالهه آهي، مون آمريڪا ۾ بهترين ڪم ڪيو ۽ گھڻو ڪجھه حاصل ڪيو پر ان سڀ جي باوجود مون کي سلمان خان جي اڳوڻي گرل فرينڊ طور سڃاتو ٿو وڃي، جيڪا مون لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڏک جي ڳالهه آهي. هن چيو ته سلمان خان هن سال 59 يا 60 سالن جو ٿي ويندو پر هو اڃا به اسڪولي ڇوڪرن وارو ورتاءُ ڪندو آهي، عدم تحفظ جو شڪار هجڻ ڪري هو ٻين کي هراسان ڪندو آهي، هو ماڻهن کي مون سان ڳالهائڻ لاءِ مجبور ڪندو آهي ۽ ڇوڪريون سلمان خان جي حقيقت کي ڪيترن ئي سالن کان پوءِ سڃاڻي سگھنديون آهن. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته سالن کان بالي ووڊ انڊسٽريءَ سان ڪو رابطو ناهي ۽ جڏهن به بالي ووڊ بابت سوچيندي آهيان ته سلمان خان ياد اچي ويندو آهي جنهن ڪري منهنجي دل ۾ اداسي ۽ افسوس ڇائنجي ويندو آهي.