واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ٿيل صدارتي چونڊن ۾ ڪيترا ئي آمريڪن پاڪساني سياستدان به مقابلي جي ميدان تي موجود رهيا، آمريڪن پاڪستاني سياستدانن ۾ ڊيموڪريٽڪ ٽڪيٽ تي ٽيڪساس جي رياستي اسيمبليءَ جي لاءِ اميدوار سليمان لالاڻي فاتح ٿيو ۽ سلمان ڀوڄاڻي حصو ورتو، مشي گن کان عائشه فاروقي، پينسلوينيا ۾ ڊيموڪريٽڪ ٽڪيٽ تي مريم صبيح اميدوار هئي جڏهن ته نيويارڪ مان ريپبلڪن ٽڪيٽ تي عامر سلطان چونڊن ۾ حصو ورتو. ڪانگريس جي لاءِ واحد آمريڪن پاڪستان اميدوار ايرن بشير جو پينسلوينيا ۾ مقابلو ٿيو. پاڪستاني ڄاون ري پبلڪن اميدوار ايرون بشير کي پينسلوينيا مان شڪست ملي، کيس پينسلوينيا جي ڪانگريس ڊسٽرڪٽ ۾ ڊيموڪريٽ جي بريدن بوئل هارايو، ٽيڪساس جي رياستي اسيمبلي مان ٻئي مسلمان اميدوار ڪامياب ٿيا، ڊيلس کان سلمان ڀوڄاڻي ۽ هيوسٽن کان ڊاڪٽر سليمان لالاڻي ڪاميابي حاصل ڪئي. پاڪستان ڄائي آمريڪي ڊيموڪريٽ اميدوار مريم صبيح اليڪشن هارائي وئي جڏهن ته رياست مشي گن جي هائوس ڊسترڪٽ 57 جي سيٽ جي اميدوار ۾ ريپبلڪن اميدوار ٿامس ڪوهن کٽي وئي ۽ پاڪستان ڄائي ڊيموڪريٽ اميدوار عائشه فاروقي هارائي وئي.