واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ڊيموڪريٽڪ صدارتي اميدوار ڪملا هيرس اليڪشن ۾ هارائڻ کان پوءِ پنهنجي خطاب ۾ اليڪشن مهم ساٿ ڏيندڙن جا ٿورا مڃيا. آمريڪي چونڊن ۾ ڊونلڊ ٽرمپ کان هارائيندڙ ڪملا هيرس پنهنجي شڪست قبول ڪندي چيو ته اليڪشن ۾ هار مڃان ٿي، اقتدار جي پرامن متقلي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، شڪسٽ کان پوءِ پنهنجي خطاب ۾ ڪملا هيرس چيو ته اليڪشن جا نتيجا مڃڻ گھرجن، جمهوريت جو اصول اهو ئي آهي ته هاريو ته هار تسليم ڪيو،، جمهوريت ۽ آمريت ۾ اهو ئي فرق آهي. هن چيو ته اليڪشن مهم ۾ منهنجو ساٿ ڏيندڙ جا ٿورا مڃان ٿي، چونڊ مهم ۾ ماڻهن کي متحد ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. اسان جي ويڙهه آمريڪا جي بهتر مستقبل جي ويڙهه آهي.