اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) باني پي ٽي آءِ عمران خان جي ويجھي دوست ذلفي بخاريءَ چيو آهي هو آمريڪي صدر جو منصب سنڀالڻ بعد ٽرم جي ٽيم سان عمران خان ۽ ان جي پارٽيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالهائيندو. باني پي ٽي آءِ جي ويجھي دوست ذلفي بخاريءَ خانگي خابرو اداري ادان ڳالهائيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيم ۽ ان جي خاندان جي ماڻهن سان رابطي ۾ آهيان. ٽرمپ باني پي ٽي آءِ جي سزا تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪري چڪو آهي ۽ هو پنهنجي دل ۾ عمران لاءِ نرمي رکندو آهي. سندس چوڻ هو ته ٽرمپ جي آمريڪي صدر جو منصب سنڀالڻ کان پوءِ ان جي ٽيم جا ميمبر، ٽرمپ جي ڌيءُ ۽ نياڻي سان جيل ۾ قيد عمران خان ۽ ان جي پارٽيءَ سان ٿيندڙ ناانصافين تي ڳالهائيندس.