تازہ ترین

آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، اسان غزه ۾ فوري فائربندي چاهيون ٿا: پاڪستان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي کاتي جي ترجمان ممتاز زهر ا بلوچ جو چوڻ آهي ته پڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا اندروني معاملن ۾ بنا مداخلت تي ٻڌل آهن، پرڏيهي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ هفتيوار بريفنگ ڏيندي چيو ته پاڪستان غزه ۾ فوري فائربندي جو مطالبو ڪيو آهي، غزه ۾ اسرائيلي اڳرائين جي سخت مذمت ڪيون ٿا. پاڪستان فلسطيني مسئلي جي ٻه رياستي حل جو حامي آهي. غزه ۾ نسل ڪشيءَ کي فوري بند ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومون پنهنجو ڪردار ادا ڪن. غزه ۾ اسرائيل طرفان نسل ڪشي جي جنگي ڏوهن جي تحت جاچ ٿيڻ گھرجي. سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي غزه صورتحال بابت رپورٽ جي آجيان ڪيون ٿا، اهڙن حملن سان فوري طبي امداد جي طلبگار فلسطينين کي امداد حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين سان منهن ڏيڻو پيو پوي. والاريل ڪشمير جي صورتحال تي ڳالهائيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسان کي حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي ڪرندڙ صحت تي ڳڻتي آهي، ياسين ملڪ خلاف هٿ ٺوڪيا ڪيس ٺاهيا ويا آهن، ڀارتي انتظاميه کان ياسين ملڪ کي فوري آزاديءَ جو مطالبو ڪريون ٿا. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته حريت اڳواڻ ياسين ملڪ جي بک هڙتال تي سخت ڳڻتي آهي، حريت اڳواڻ ياسين ملڪ کي فوري طور صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هڪ سوال جي جواب ۾ پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته صدر ۽ وزيراعطم پاڪستان نئين چونڊيل آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي واڌايون ڏنيون آهن، پاڪستان جا آمريڪا سان پراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان ۽ آمريڪا پراڻا دوست ۽ ڀائيوار آهن، اسان هڪ ٻئي جي گھرو معاملن ۾ بنا مداخلت تي ٻڌل لاڳاپا چاهيون ٿا.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com