سوئٽزرلينڊ (ويب ڊيسڪ) صحت جي عالمي اداري موذي مرضن ۽ موتن جو سبب بڻجندڙ 17 خطرناڪ جراثيمن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. صحت جي عالمي اداري جو چوڻ آهي ته ايڇ آءِ وي، ٽي بي، هيپاٽائيٽس ۽ مليريا هر سال 25 لک موتن جو سبب بڻجي رهيا آهن. صحت جي عالمي اداري طرفان دوائن جي خلاف مزاحمت رکندڙ نمونيا ۽ ٻين بيمارين جي جراثيمن کي به خطرناڪ قرار ڏنو آهي. صحت جي عالمي اداري انهن جراثيمن جي ويڪسينز تي تحقيقت تيز ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته جراثمين جي خلاف ويڪسين بڻجڻ سان نه رڳو موت گھٽ ٿيندا پر بيمارين تي به ٿيندڙ خرچ گھٽ ٿي ويندا.