تلهار (ويب ڊيسڪ) تلھار ويجھو ڳوٺ لعل خان لنڊ واسي نوجوان زال واپس نه ملڻ تان آپگھات ڪري ڇڏيو، 25 ورھين جي عثمان لنڊ ڦاھو کائي پنهنجي زندگيءَ جو انت آندو، وارثن جو چوڻ آھي ته نوجوان زال ۽ ٻار وٺڻ ويو ته سھري مٿس تشدد ڪيو ۽ کيس پنهنجي زال ۽ ٻار واپس نه ڏنا. واپس اچڻ بعد نوجوان آپگھات ڪيو آھي.