اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وقتي صدر، وزيراعظم، وفاقي گهرو وزير، وڏن وزيرن جي ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان حڪومت کان ڌماڪي جي جاچ ڪري رپورٽ گهري ورتي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، سموريون همدرديون متاثرن سان گڏ آهن، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي لاڳاپيل اختيارين کي ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته ملڪ دشمن خوف وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، اسان پاڪستاني قوم آهيون جيڪا دشمنن جي مقصد کي ناڪام بڻائيندي.