تازہ ترین

حڪومت  پاران پاسپورٽ جي نين فيسن جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت سموري ملڪ ۾ پاسپورٽن جي نين فيسن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. حڪومت طرفان اِي پاسپورٽس، مشين ريڊ ايبل (ايم آر پي) ۽ گم ٿيل پاسپورٽس جاري ڪرڻ جي لاءِ الڳ الڳ فيس مقرر ڪئي وئي آهي. اِي پاسپورٽ (36 صفحن جو) 5 سالن جي لاءِ نارمل فيس 3 هزار رپيا ۽ ارجنٽ 15 هزار رپيا رکي وئي، 75 صفحن جي نارمل پاسپورٽ جي فيس 15 هزار 500 رپيا، ارجنٽ جي لاءِ 27 هزار  رپيا 10 سالن جي لاءِ مقرر ڪئي وئي. 36 صفحن جي اِي پاسپورٽ جي لاءِ13 هزار 500 رپيا، ارجنٽ 24 هزار 750 رپيا، 75 صفحن جي نارمل اِي پاسپورٽ جي لاءِ 16 هزار 500 رپيا، ارجنٽ جي لاءِ 27 هزار رپيا ۽ 10 سالن جي لاءِ نارمل فيس 24 هزار 750 رپيا ۽ ارجنٽ جي لاءِ فيس 40 هزار 500 رپيا هوندي. مشين ريڊ ايبل (ايم آر پي) پاسپورٽ 5 سالن لاءِ 36 صفحن جي نارمل پاسپورٽ جي فيس 4500 رپيا، ارجنٽ 7500 رپيا، فاسٽ ٽريڪ پاسپورٽ جي لاءِ فيس 13 هزار 500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. 72 صفحن 10 سالن جي لاءِ ايم آر پي نارمل پاسپورٽ فيس 6700 رپيا، ارجنٽ فيس 11 هزار 200 رپيا ۽ فاسٽ ٽريڪ فيس 16 هزار 200 رپيا رکي وئي آهي. 72 صفحن جي 5 سالن لاءِ نارمل ايم آر پي فيس 8200 رپيا، ارجنٽ 13 هزار 500 رپيا، فاسٽ ٽريڪ فيس 19 هزار 500 رپيا مقرر ڪئي وئي، 100 صفحن جي ايم آر پي فيس نارمل 9 هزار رپيا، ارجنٽ 18 هزار رپيا، فاسٽ ٽريڪ 23 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي آهي. 10 سالن جي لاءِ ايم آر پي 100 صفحا نارمل فيس 13 هزار 500 رپيا، ارجنٽ فيس 17 هزار رپيا، فاسٽ ٽريڪ فيس 32 هزار رپيا مقرر ڪئي وئي. پهريون ٻيون ۽ ٽيون ڀيرو گم ٿيل پاسپورٽ جي به الڳ الڳ فيس مقرر ڪئي وئي آهي، پهريون ڀيرو گم ٿيندڙ پاسپورٽ تي 54 هزار رپيا ۽ ٽيون ڀيرو گم ٿيڻ تي 3 لک 56 هزار رپيا فيس طور اوڳاڙي ويندي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com