حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ شهرين کان ڀتو وٺڻ جي الزام ۾ 6 پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي نوڪرين تان هٽايو ويو. ايس ايس پي موجب شهرين کان ڀتو وٺڻ جي الزام ۾ 3 پوليس آفيسرن سميت 6 پوليس اهلڪارن کي نوڪرين تان هٽايو ويو آهي، ايس ايس پي موجب نوڪرين تان هٽايل اهلڪارن شهرين کي اغوا ڪري 19 لک رپيا ڀتو وصول ڪيو. ايس ايس پي وڌيڪ ٻڌايو ته ڀتو اوڳاڙڻ جي الزام ۾ 2 اهلڪار اڳ ئي جيل ۾ آهن. ياد رهي ته گذريل ڏينهن ڪراچيءَ جي علائقي سرجاني ٽائون ۾ به پوليس اهلڪارن جي ميبينا رشوت وٺڻ جي وائرل ٿيل وڊيو جو پوليس عملدارن نوٽيس ورتو هو. پوليس عملدارن موجب ايس ايس پي ون فائيو وڊيو ۾ نظر ايندڙ اهلڪارن کي هٽائيندي ڊي ايس پي ون فائيو هيڊ ڪوارٽر کي معاملي جي انڪوائريءَ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.