ملتان (ويب ڊيسڪ) ملتان شهر پاڪستان جي آلوده ترين شهرن جي لسٽ ۾ پهرين نمبر تي اچي ويو آهي، ملتان جي ايئر ڪواليٽي انڊيڪس 1900 کان به ٽپي وئي آهي. ايئر ڪواليٽي انڊيڪس ۾ پاڪستان جي آلوده ٽريترين شهرن ۾ به ڪوهيرو ۽ ڌنڌ جو راڄ جاري آهي. هوڏانهن ڪوهيري ۽ ڌنڌ جي ڪري موٽر وي ايم 1 چار سده کان اڪبر پوره تائين، موٽر وي ايم 2 لاهور کان ڪوٽ سرور تائين، موٽروي ايم 3 سمندري کان درخانه ۽ ايم 4 پنڊي ڀٽيان کان عبدالحڪم تائين هر قسم جي ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو آهي. موٽر ايم فائيو شيرشاهه کان جهانڳڙهه تائين ۽ لاهور سيالڪوٽ موٽروي به ٽريفڪ جي لاءِ بند ڪيو ويو.جڏهن ته لاهور به اڄ ڌنڌ ۽ هوائي گدلاڻ جي ور چڙهيل آهي. ٻئي طرف پنجاب حڪومت پاران لاهور، ملتان، گجرانوالا ۽ فيصل آباد ڊويزنن ۾ هوائي گدلاڻ جي وڌڻ بعد لاڳاپايل سمورين ڊيزنن جا سمورا پبلڪ پارڪ ۽ راندين جا گرائونڊ 17 نومبر تائين بند ڪيا ويا آهن.