ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي آهي. وڏي وزير سيد مراد علي شاهه قيمتي انساني جانين جي نقصان تي ڏک جو اظهار ڪيو. سي ايم هائوس جي ترجمان موجب وڏي وزير جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن خوف وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهين ٿا، اسان پاڪستاني قوم آهيون، دشمنن جي مقصد کي ناڪام بڻائينداسين، وڏي وزير پاران مارجي ويلن جي وارثن سان تعزيت ۽ زخمي جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي.