ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب پاران پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي آهي، ان موقعي تي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت کي هر ممڪن سهڪار جي خاطري ڪرايون ٿا، گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار پاران سنڌ پوليس کي هاءِ الرٽ رهڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو، سنڌ جي گھرو وزير جو چوڻ هو ته سرڪاري ۽ غير سرڪاري عمارتن تي سڪيورٽي الرٽ ڪئي وڃي، ضلعي سطح تي سڪيورٽي پلان تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي. گھرو وزير چيو ته شڪي عنصرن تي گهري نظر رکي وڃي. ٻئي طرف ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب پڻ ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي آهي، مرتضيٰ وهاب پاران مارجي ويلن جي مغفرت ۽ زخمي جي صحتيابي لاءِ دعا ڪئي وئي، ان موقعي تي ميئر ڪراچيءَ جو چوڻ هو ته دهشتگردي جي هلندڙ لهر ڳڻتي جوڳي آهي، قوم سڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. انسانيت جا دشمن انسان سڏائڻ جي لائق نه آهن.