لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا، پوليس موجب گرين ٽائون جي علائقي ۾ مارجي ويندڙ ڌاڙيل بئنڪن جي وارداتن ۾ ملوث هئا، پوليس موجب هڪ گھر ۾ لڪيل ڌاڙيلن جي ڳجھي اطلاع ملڻ تي پوليس موقعي تي پهچي گھر جو گھيراءُ ڪيو، ان دورا ڌاڙيلن ۽ پوليس جي وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ به ٿي جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڌاڙيل مارجي ويا. پوليس موجب مقابلي ۾ ايس ايچ او ۽ ڪانسٽيبل زخمي به ٿيا آهن جن کي فوري طبي امداد جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.