گجرات (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست گجرات جي ضلعي امريلي ۾ هڪ هاري پنهنجي خوش قسمت گاڏيءَ جي تدفي به ڏاڍي عاليشان طريقي سان ڪئي جنهن جي تقريب پڻ ڪوٺائي وئي. خميس جي ڏينهن ڳوٺ ۾ سنجي پولار نالي هاريءَ ۽ ان جي ڪٽنب طرفان رٿيل تقريب ۾ لڳ ڀڳ 1500 سئو ماڻهن شرڪت ڪئي جن ۾ مذهبي شخصيتون ۽ عقيدتمند به شامل هئا. ڀارتي ميڊيا موجب سنجي پولار ۽ ان جي خاندان ان موقعي تي پنهنجي زرعي فارم ۾مذهبي رستون ادا ڪيون ۽ 12 سال پراڻي گاڏيءَ کي وڏي ڌام ڌوم سان دفنائڻ جي لاءِ 15 فُوٽ اونهي کڏ کوٽي وئي هئي. گاڏيءَ کي گلن ۽ هارن سان سجائي وڏي اهتمام سان کڏ ۾ لاٿو ويو ۽ سائي ڪپڙ سان ان کي ڍڪيو ويو هو. ان موقعي تي هاريءَ جي خاندان پوڄا پاٽ ۾ حصو ورتو ۽ پنهنجي پراڻي گاڏيءَ تي گل نڇاور ڪيا. ڀارتي ميڊيا موجب سنجي پولار جو سورت ۾ تعميراتي ڪاروبار آهي ۽ هن پنهنجي گاڏيءَ کي دفنائڻ جي تقريب تي لڳ ڀڳ 4 لک رپيا خرچ ڪيا، سنجي جو چوڻ آهي ته مختلف ڪرڻ پي چاهيو ته جيئن ايندڙ نسل ان ڪار کي ياد رکي جيڪا اسان جي خاندان جي لاءِ خوش قسم ثابت ٿي آهي. هن چيو ته هيءَ گاڏي لڳ ڀڳ 12 سال پهريان خريد ڪئي هئي جنهن سان خاندان ۾ خوشحالي آئي، ڪاوربار ۾ ڪاميابي ڏسڻ سان گڏوگڏ منهنجي خاندان جي عزت به وڌي، هيءَ گاڏي مون ۽ منهنجي خاندان جي لاءِ خوش قسمت ثابت ٿي ان لاءِ ان کي وڪڻڻ بجاءِ مان ان کي پنهنجي فارم بيهاريو هو، سنجي جو چوڻ آهي ته تدفي جي جڳهه تي هڪ وڻ لڳائڻ جو ارادو آهي جيئن پنهنجي ايندڙ نسلن کي ياد ڏياري سگھان ته خاندان جي خوش قسمت گاڏي هتي هيٺ دفن ٿيل آهي.
