پيرٿ (اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ون ڊي سيريز جي فيصلائتي ميچ سڀاڻي کيڏي ويندي، آسٽريليا خلاف ٻي ميچ کٽڻ کانپوءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم اسڪواڊ ايڊيليڊ کان پرٿ پهچي وئي، ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي فيصلائتي ميچ پاڪستاني وقت موجب صبح ساڍي اٺين وڳي شروع ٿيندي.