ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مختلف شهرن ۾ روڊ حادثن ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا. مدئجي ڀرسان ٽي شاخي بس اسٽاپ وٽ ايمبولينس ۽ ٽرڪ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ ايمبولينس ڊرائيور لاڙڪاڻو واسي محمد پريل فوت ٿي ويو، پوليس ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي طرف ڏيئي جي ڳوٺ ميڻا جي رهواسي پورهيت نوجوان سانوڻ مينگهواڙ گوادر ۾ حادثي ۾ حياتي وڃائي ويٺو، هوڏانهن گولاڙچي ۾ تيز رفتار گاڏيءَ ٽڪر هڻي واٽهڙو نوجوان ميھار ملاح کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو، جڏهن ته ڪڙيو گهنور باءِ پاس ويجھو ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر سبب هڪ ڄڻو الطاف لغاري فوت ٿي ويو ۽ محمد صالح لاشاري زخمي ٿي پيو. جڏهن ته پريالوءِ ڀرسان ڳوٺ حاجي ميرل فقير ناريجو واسي لطيف يونيورسٽي خيرپور جو شاگرد علي حسن ناريجو ٽريڪٽر ڪلٽي ٿيڻ سبب چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.