اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني دهشتگردن کي واپس آندو، اڄ ئي ماڻهو حملا ڪري رهيا آهن، سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جون ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته نفرت ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙهايو ويو، هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي تحت سماج ۾ بگاڙ پيدا ڪيو ويو، هن چيو ته چاهيون ٿا ته ٻين سياسي پارٽين سان سٺا لاڳاپا رکون، افسوس جي ڳالهه آهي ته خيبرپختونخواهه ۾ ڪو به ڪم نه ٿي رهيو آهي، ڪوبه سياسي اڳواڻ يا سياسي پارٽي پاڪستان کان مٿانهون ناهي.