ايبٽ آباد (ويب ڊيسڪ) ايبٽ آباد جي ملڪان ڳوٺ مان زال مڙس جا لاش مليا آهن، پٽ پنهنجي والدين کي کوهه ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏيو هو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. ايبٽ آباد پوليس کي ملڪان ڳوٺ مان 2 مهينا اڳ گم ٿيندڙ زال مڙس جا لاش کوهه مان مليا آهن، پٽ گھريلو اڻ بڻت تي پنهنجي والدين کي دوستن سان گڏجي کوهه ۾ اڇلائي ڇڏيو هو. ٻنهي زال مڙسن جا لاش ڪڍي پوسٽ مارٽم جي لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا، جوابدار جي ٻن ساٿين جي گرفتاريءَ لاءِ ٽيمون جوڙيو ويون هيون.