سانگهڙ (ويب ڊيسڪ) سانگهڙ ضلعي جا 6 پوليس اهلڪار ڪرپشن ۾ ملوث هئڻ جي الزام هيٺ برطرف ڪيا ويا، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد انڪوائري ۾ ڪرپشن ثابت ٿيڻ تي ڪارروائي ڪندي ڄاڻايل 6 پوليس اهلڪارن کي برطرف ڪري ڇڏيو، نوڪرين تان هٽايل اهلڪارن ۾ دلاور خان، محمد ڪاشف، مدد علي، منظور احمد، مظهر حسين ۽ راڻو خان شامل آهن.