تازہ ترین

ڪوئيٽا آپگھاتي حملي جا وڌيڪ 2 زخمي فوت، انگ وڌي 26 ٿي ويو، 62 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچستا جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽا جي ريلوي اسٽيشن تي آپگھاتي بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ عورتن سميت مارجي ويندڙن جو انگ وڌي 26 ٿي ويو، جڏهن 62 ڄڻن جي زخمي ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي. پوليس موجب آپگھاتي ڌماڪو جعفر ايڪسپريس جي گذرڻ وقت ريلوي اسٽيشن جي اندر پليٽ فارم تي ڪيو ويو، ڌماڪي جي وقت مسافر ريلوي اسٽيشن تي جعفر ايڪپسريس تان پشاور وڃڻ جي تيارين ۾ مصروف هئا. ريلوي عملدارن جو چوڻ آهي ته اسٽيشن تي ٽڪيٽ گھر جي ويجھو ڌماڪو ڪيو ويو، ڪمشنر ڪوئيٽا حمزه شفقات ريلوي اسٽيشن تي ڌماڪي جي آپگھاتي حملو هئڻ جي تصدي ڪندي آگاهه ڪيو ته ڌماڪي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين کي نشانو بڻايو ويو. حمزه شفقات موجب ڌماڪي ۾ 24 ماڻهو مارجي ويا هئا، ڌماڪي جي 17 زخمي سول اسپتال ڪوئيٽا جڏهن ته 19 زخمين کي سي ايم ايچ آندو ويو هو. صوبائي ترجمان جي بيان موجب ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل2 ڄڻا علاج دوران زخمن جي سٽ نه سهندي فوت ٿي ويا جنهن بعد فوتين جو انگ وڌي 26 ٿي ويو. هوڏانهن وقتي صدر يوسف رضا گيلاني، وزيراعظم شهباز شريف، پيپلز پارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، وفاقي گهرو وزير پاران ڪوئيٽا ڌماڪي جي مذمت ڪئي وئي، وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان حڪومت کان ڌماڪي جي جاچ رپورٽ گهري ورتي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معصوم شهرين کي نشانو بڻائيندڙن کي سزا ڏني وڃي، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي خلاف جنگ ۾ پيپلز پارٽي جو موقف قوم جو آواز آهي، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دهشتگرد ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن، سموريون همدرديون متاثرن سان گڏ آهن، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي لاڳاپيل اختيارين کي ڌماڪي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ هو ته ملڪ دشمن خوف وارو ماحول پيدا ڪرڻ چاهين ٿا.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com