ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ريلوي اسٽيشن تي بم ڌماڪي جي شهيدن جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، وزيراعليٰ بلوچستان سرفراز بگٽي ۽ ٻين جي شرڪت، آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل عاصم منير ڪوئيٽا ڇانوڻي ۾ شهيدن جي جنازي نماز بعد سي ايم ايڇ ڪوئيٽا پهچي زخمين جي عيادت ڪئي، آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته دهشتگردي ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، پاڪستان مان دهشتگردي جو مڪمل خاتمو ڪيو ويندو….