ڪڙيو گهنور (ويب ڊيسڪ) ڪڙيو گهنور جي ڳوٺ حاجي دودو ڏيانگ جي رهواسي 50 ورهين جي عثمان ڏيانگ مبينا طور ڦاهو کائي حياتيءَ جو انت آڻي ڇڏيو، لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارثن جو چوڻ آهي ته عثمان ڏيانگ جو دماغي توازن ٺيڪ نه هو، گذريل ٻن مھينن کان سندس علاج هلندڙ هو.