پرٿ (اسپورٽس ڊيسڪ) پرٿ ۾ جاري پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽين ون ڊي ميچ دوران پاڪستاني بالرن جي شاندار ڪارڪردگي، آسٽريليا جي پوري ٽيم 140 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، نسيم شاهه ۽ شاهين آفريدي 3-3 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، حارث رئوف 2 ۽ محمد حسنين هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي، پاڪستان ميچ کٽڻ لاءِ آسٽريليا کي 141 رنسن جو هدف ڏنو، پاڪستان لاءِ آسٽريليا ۾ 22 سالن کانپوءِ سيريز کٽڻ لاءِ سونهري موقعو مليو آهي.