اتر وزيرستان (ويب ڊيسڪ) سيڪيورٽي فورسز جو اتر وزيرستان جي علائقي اسپن وام ۾ آپريشن، 6 خارجي دهشتگرد مارجي ويا، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگردن خلاف آپريشن دوران 6 دهشتگرد زخمي ٿي پيا، دهشتگردن جي قبضي مان ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن، مارجي ويل دهشتگرد شهرين خلاف ڪارروائين ۾ ملوث هئا، سيڪيورٽي فورسز ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.