لاهور (ويب ڊيسڪ) پنجاب ۾ سخت ڪوهيري ۽ فضائي گدلاڻ جي ڪري پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ فلائيٽ آپريشن سخت متاثر ٿيو، نگاهه جي حد تمام گھٽ هئڻ ڪري ملتان جون 6 اڏامون ملتوي ڪيون ويون. ايوي ايشن ذريعن موجب ڪوهيري ۽ هوائي گدلاڻ جا مسئلي جي ڪري سموري ملڪ مان 34 اڏامون دير جو شڪار رهيون، مسقط کان ملتان جي اڏام پي ڪي 172 کي ڪوهيري سبب اسلام آباد، جڏهن ته جدي مان ملتان پهچندڙ خانگي اڏام پي ايف 723 کي لاهور ۾ لاٿو ويو. ذريعن موجب مسقط کان لاهور ويندڙ خانگي اڏام پي ايف 733 کي سيالڪوٽ ۽ دبئي کان لاهور جي خانگي اڏام کي اسلام آباد ۾ لينڊ ڪرايو ويو، جڏهن ته نظر جي حد گھٽ هئڻ ڪري ملتان کان ڪراچي لاءِ 2 ملڪي اڏامون، پرڏيهي ايئر لائين کي جدي، ملتان جون 2 اڏامون ۽ ملتان کان رياض جون 2 اڏامو به ملتوي ڪيون ويون. ٻئي طرف دوها ملتان جي پرڏيهي ايئر لائين جون 2 اڏامون ڪيو آر 616 ۽ 617 کي جدو ملتان ۽ دبئي جي 2 اڏامون پي اي 871 ايف زيڊ 325، 326 دير جو شڪار ٿيون، مسقط، ڪراچي، دوحا کان لاهور جي اڏامن جي آمد ۽ روانگي ۾ به دير جو شڪار رهيون.