ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) وفاقي گھرو وزير سينيٽر محسن نقويءَ ۽ بلوچستان جي وڏي وزير مير سرفراز بگٽيءَ جي صدارت هيٺ اجلاس ۾ دهشتگرديءَ کي پوري طاقتن سان ڪچلڻ جو فيصلو ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ وفاقي گھرو وزير محسن نقويءَ جي صدارت هيٺ ٿيندڙ اجلاس جي پڌرائي جاري ڪئي وئي، جنهن موجب شهيدن جي درجن جي بلندي ۽ زخمين جي جلد صحتيابيءَ لاءِ دعا ڪئي وئي. اجلاس ۾ گذريل ڏينهن ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن ٿيندڙ آپگھاتي ڌماڪي بعد سيڪيورٽي صورتحال تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اعلان موجب اجلاس ۾ ڪوئيٽا ريلوي اسٽيشن تي ٿيندڙ آپگھاتي ڌماڪي جي ابتدائي رپورٽ پيش ڪئي وئي، اجلاس ۾ دهشتگردن جو مٿو چٿڻ لاءِ پوري طاقت سان فيصلائتا قدم کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائڻ لاءِ انٽيليجنس بيسڊ آپريشن وڌايا ويندا. اجلاس کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محسن نقويءَ چيو ته دهشتگرديءَ سان منهن ڏيڻ لاءِ بلوچستان حڪومت سان هر امڪاني سهڪار ڪنداسين، بلوچستان حڪومت کي اوليتي بنيادن تي ضروري وسيلن جي فراهميءَ جو اعلان ڪريان ٿو. محسن نقويءَ چيو ته بلوچستان ۾ پوليس، سي ٽي ڊي ۽ ٻي فورسز جي تربيت ۽ سگھه وڌائڻ ۾ سهڪار ڪنداسين، شهيدن جي خاندانن سان گڏ آهيون، شهيدن جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪريون ٿا. ان موقعي تي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت جي سهڪار سان پوليس ۽ ليويز کي پيشيوراڻي سگھه وڌائڻ جا قدم کڻنداسين، دهشتگرديءَ جو مقابلو ڪرڻ لاءِ پوليس ۽ ليويز کي جديد اوزارن سان ليس ڪنداسين، پرعزم آهيون ته بلوچستان مان دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪري دم پٽينداسين.