غزه (ويب ڊيسڪ) غزه ۾ اسرائيلي فورسز جا حملا جاري آهن، حملن دوران وڌيڪ 36 فلسطيني شهيد ٿي ويا، يهودي فوج جي حملن ۾ اولهندي ڪناري به 2 فلسطيني شهيد ٿي ويا، حماس جي جوابي حملي ۾ 15 اسرائيلي فوجي مارجي ويا، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي آفيس تهه خاني ۾ منتقل ڪئي وئي، يهودي فوج لبنان تي هوائي حملو ڪيو، جنهن ۾ 23 ڄڻا شهيد جڏهن ته 20 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا.