سلطانپور (ويب ڊيسڪ) سلطانپور ويجهو نوجوان سارين جي ٿريشر هيٺان چيڀاٽجي فوت، سلطان پور جي ڀرسان ڳوٺ جوڻاس واسي شمن جھلڻ سارين جي ٿريشر هيٺان اچي چيڀاٽجي پنهنجي حياتي وڃائي ويٺو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب حادثو اتفاقي آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا.