دائوجهانپور (ويب ڊيسڪ) دائوجهانپور ۾ گاڏهي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو، خانواهه واري علائقي ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ سبحان گاڏهي مارجي ويو، مقتول جي وارثن جو چوڻ آهي ته عورتن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي رکڻ تان جهيڙو شروع ٿيو هو، جوابدار ڌر فيصلي تان ڦري سبحان گاڏهي کي قتل ڪيو آهي.