نئون ديرو (ويب ڊيسڪ) نئون ديرو ڀرسان جيها- ڏاهاڻي خوني تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو، گاهه ڪرڻ لاءِ ٻنيءَ تي ويندڙ ڳوٺ گلڻ جيهو واسي اسد جيهو کي گولين جو کاڄ بڻايو ويو، نوجوان جي قتل کان پوءِ ڌرين ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي، ڪارنهن معاملي تان شروع ٿيل جيها- ڏاهاڻي خوني تڪرار 15 انساني جانيون ڳڙڪائي چڪو.