رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي راڄڌاني رياض ۾ اڄ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ٿيندي، وزيراعظم شهباز شريف پڻ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندو، ڪانفرنس ۾ فلسطيني ۽ لبنان سميت وچ اوڀر جي صورتحال جو جائزو ورتو ويندو، اسلامي ملڪن جا اڳواڻ وچ اوڀر جي صورتحال تي تجويزون پيش ڪندا.