اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف وفد اڄ کان 15 نومبر تائين پاڪستان جو دورو ڪندو، وفد کي پهرين ٽه ماهي جي معاشي ڪارڪردگي بابت بريفنگ ڏني ويندي، مشن چيف ناٿن پورٽر جي قيادت ۾ وفد پاڪستان جو دورو ڪندو، آءِ ايم ايف وفد سان موسمياتي تبديلي سبب نقصان تي ڳالهيون ٿينديون، پاڪستان آءِ ايم ايف کي هڪ ارب ڊالر ڪلائميٽ فئنانسنگ جي درخواست ڪندو. معاشي ماهرن موجب آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان کي مني بجيٽ آڻڻ جو مشورو پڻ ڏئي سگھي ٿو.