اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) چئمپينز ٽرافي لاءِ ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ واري معاملي تي پي سي بي پاران آءِ سي سي کي خط لکڻ جو فيصلو، آءِ سي سي کي خط حڪومتي گائيڊ لائينز تحت هڪ ٻن ڏينهن ۾ لکيو ويندو، ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ قانوني مشارت به مڪمل ڪري ورتي، پي سي بي آءِ سي سي کان ڀارت جي پاڪستان نه اچڻ جا ٺوس سبب پڇندو، پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٻين بورڊز سان به رابطو ڪري پنهنجو موقف سامهون رکندو، پي سي بي مطالبو ڪندو ته ڀارتي بورڊ انڪار جو سبب لکي ڏئي.