جي اسان پاڻ آئيني ڪيسن جو فيصلو ڪيون ته اسان کي ڪير روڪيندو؟ جسٽس منصور علي شاهه

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج، جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جيستائين آئيني بئنچ ويهندي تيستائين اسان ڇا غير آئيني آهيون؟ جيڪڏهن اسان پاڻ آئيني ڪيسن جو فيصلو ڪري ٿا ڇڏيون ته اسان کي ڪير روڪڻ وارو آهي؟ نظرثاني به اسان وٽ ايندي ته اسان چئي ڇڏينداسين ته اسان جي اختيار جي دائري ۾ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ طرفان ٽئڪس بابت ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران آئيني بئنچن جو ذڪر نڪتو، ٻڌڻيءَ دوران جسٽس عائشه ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته هي ڪيس آئيني بئنچ ٻڌندي، اسان ريگولر ڪيس ٻڌي رهيا آهيون. ان موقعي تي جسٽس منصور علي شاهه رمارڪس ڏيندي چيو ته هن وقت ڪا به آئيني بئنچ ته نه آهي، جيڪا غير آئيني بئنچ ويٺي آهي ان جو ڇا ڪرڻو آهي، جيستائين آئيني بئنچ نه ويندي ته ڇا اسان غير آئيني آهيون؟ سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين جج جي رمارڪس ڏيڻ جو مطلب اهو آهي ته جيستائين آئيني بئنچ نٿي ويهي، آئيني ڪيس نه ٻڌا ويندا! اسان هن ڪيس کي ٻڌون به ته ڪو اسان کان نٿو پڇي سگھي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته هاڻ بار بار اهو سوال سامهون اچي رهيو آهي ته ريگولر بئنچ ٻڌندي يا آئيني بئنچ؟ جي اسان ڪيس جو فيصلو ڪري به ڇڏيون ٿا ته ڇا ٿيندو؟ هلو جيڪڏهن اسان پاڻ فيصلو ڪري ٿا ڇڏيون ته اسان کي روڪڻ وارو ڪير آهي؟ هن چيو ته نظرثاني به اسان وٽ ايندي ته اسان چئي ڇڏينداسين ته اسان جي اختيار جي دائري ۾ آهي، آئيني ڪيس ريگولر بئنچ نٿي ٻڌي سگھي، وڪيلن جي طرفان به ڪا سهڪار نه پئي ملي.

آرٽيڪل

سنڌ

اڄ جي اخبار

Karachi Office

Daily Sobh
Plot No B – 268 Sector 6 F, Mehran Town , Korangi Industrial Area Karachi

Phone: 021-35156121-3
Fax: 021-35156125

Hyderabad Office

Daily Sobh
5th Floor , Ali Heights Opposite New Memon Motors, Auto Bhan Road Latifabad
Hyderabad, Sindh,
Pakistan

Phone: 022-3411376
Phone: 022-3411377
Phone: 022-3411378

Email: dailysobh@gmail.com

Sukkur Office

Daily Sobh
Plot No. C-40, Industrial Area, Golimar Near Shikarpur Phattak
Sukkur, Sindh,
Pakistan

Phone: 071-5633725
Fax: 071-5633724

Daily Sobh Newspaper Karachi

Head Office: C-36, Line 11, Bhukhari Commercial Phase-1, DHA, Karachi, Pakistan
E-mail: dailysobh@gmail.com